مولانا تاج محمد امروٽي

مولانا تاج محمد امروٽي

تاج محمود امروٽي

تاج محمود امروٽي: ناميارو ديني عالم مولانا تاج محمود امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه، خيرپورميرس ضلعي جي پريالوءِ شھر لڳ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ديواني“ ۾ 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1841ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي والد وٽ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ مولوي محمد قاسم الرا وٽ ڪجهه قدر قرآن شريف ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پڙهيو. عربي تعليم مولانا عبدالقادر پنھواريءَ (تعلقي روهڙيءَ) کان ورتي. جنھن کانپوءِ ڪجهه عرصو شھدادڪوٽ جي جيد عالم مولانا غلام صديق وٽ ۽ پوءِ پنجاب جي ڪن مدرسن ۾ وڃي عالمانه سندون حاصل ڪيون. جوانيءَ ۾ حافظ محمد صديق جي خدمت ۾ ڀرچونڊي شريف پھتو ۽ ان جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ ان جي هدايت تي اباڻي ڳوٺ ”ديوانيءَ“ کي ڇڏي، ڳڙهي ياسين (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”امروٽ“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن امروٽ ۾ اچي اتي موجود بدعتون ختم ڪرايون. سندس خانقاهه، ”صفه“ جو نمونو ۽ روحاني فيض جي ڳولائن لاءِ تمام اهم دارالعلوم هئي. مولانا تاج محمود جي شادي سندس چاچي سيد مھر علي شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس ”حسن شاهه“ نالي پٽ به ڄائو، جيڪو ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. پوين ٻن شادين مان به کيس اولاد نه ٿيو. پنھنجي پٽ ”حسن شاهه“ سان پيار سبب پنھنجو تخلص ”حسن“ اختيار ڪيو. هن سڄي زندگي اسلامي تبليغ ۽ عوامي فلاح جي ڪمن ۾ حصو ورتو. ديني درس تدريس سان گڏ سياسي ميدان ۾ به خدمتون انجام ڏنيون. خاص طرح ” خلافت تحريڪ “، ” هجرت تحريڪِ“، ”ترڪَ موالات تحريڪِ“ ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ ۾ حصو ورتو. پاڻ امروٽ ۾ دارالعلوم قائم ڪيو، جنھن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ ستن سالن تائين درس ڏنو. هن مدرسي مان مولانا الله هاليجوي'>حماد الله هاليجوي ۽ مولانا احمد علي لاهوريءَ جھڙا عالم پيدا ٿيا. شيخ الھند مولانا محمود الحسن پڻ امروٽ شريف ايندو رهندو هو. مولانا تاج محمود، امروٽ ۾ ديني ادب جي اشاعت لاءِ هڪ پرنٽنگ پريس ”محمود المطالع“ قائم ڪري، ماهوار سنڌي رسالو ”هدايت الاخوان“ شايع ڪيو. پاڻ انگريزن جو سخت مخالف هو ۽ ڪنھن به انگريز جو منھن ڏسڻ پسند نه ڪندو هو. هُو سنڌي ٻوليءَ جو قادرالڪلام شاعر به هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير سندس اهم ۽ يادگار تصنيف آهي. سنڌيءَ ۾ سندس منظوم رسالو ”پريت ناما“ ۽ سورة ياسين جو منظوم ترجمو گهڻا مقبول آهن. سندس موهيندڙ شخصيت ۽ حسن اخلاق ڪيترن غير مسلمانن کي اسلام جي دائري ۾ آندو. جمعي جي نماز لاءِ شھر جي جامع مسجد ڏانھن ويندي، گهٽين ۾ هندو مرد، عورتون ۽ ٻار، دعا يا پاڻي پڙهائڻ لاءِ ٿانوَ کنيو سندن انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ ”شڌي“ پرچار به زور شور سان جاري هو ۽ ڪن متعصب هندن، سندس خلاف شور مچايو ۽ مٿس ڪيس به ڪيا، جيڪي سالن جا سال هلندا رهيا. 1922ع ۾ انگريز سرڪار، بئراج جي واهن جي کوٽائي شروع ڪئي، تڏهن کيس اطلاع مليو ته واهن کوٽڻ جي رِٿ مڪمل ٿي رهي آهي، جنھن ۾ ڪي مسجدون به شھيد ٿينديون. اها خبر ٻڌڻ وقت، علالت جي بستري تي هوندي به هڪدم اٿي ويھي رهيو ۽ جماعتين کي گهرائي، مسجدن جي تحفظ لاءِ پيغام موڪليو. هن ڪوشش پٺيان شعائرالله (قديم آثار/ خدا جا نشان) کي بچائڻ ۽ انگريز سامراج سان ٽڪر کائڻ ۽ ملڪ کي آزاد ڪرائڻ مقصود هو. هن مقصد ۾ کيس آخر فتح حاصل ٿي ۽ ڪيتريون مسجدون بئراج جي زد کان بچايون ويون. کيس سلوڪ جي چئني طريقن- قادري، نقشبندي، چشتي ۽ سھرورديءَ جي فيض جي تلقين مليل هئي، پر قادري سلسلي تي خاص عبور حاصل هو ۽ اڪثر تلقين به قادري طريقي جي ڪندو هو. روايت آهي ته انگريزن ڳجهيءَ طرح کيس زهر ڏياريو، جنھن جي اثر کان ڪمزور ٿي، پاڻ 5 نومبر 1929ع تي امروٽ شريف ۾ وفات ڪئي.


لفظ تاج محمود امروٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1841.03.22  عيسوي

مولانا تاج محمود امروٽي 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو


1929.11-05  عيسوي

مولانا تاج محمد امروٽي 5 نومبر 1929ع تي وفات ڪئي



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله مري مولانا
عبدالحڪيم مولانا
مولانا فقير محمد پٺاڻ
عبدالڪريم لغاري مولانا
شيخ عبدالقادر ڪدڪ
شريف المجاهد پروفيسر
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
شيخ عبدالستار برهانپوري
پنهور ميان محمد صديق
ضياء الدين مخدوم
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون